هنڱورجا ۾ پليجا محلي جي رهواسين پاران پرائمري اسڪول جو تعميراتي ڪم چئن سالن کان بند هئڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

hingorja school

هنڱورجا ۾ پليجا محلي جي رهواسين پاران پرائمري اسڪول جو تعميراتي ڪم چئن سالن کان بند هئڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

علي شير پليجي  ۽ سيف الله جي اڳواڻي ۾ رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو.

مظاهرين چيو ته  پرائمري اسڪول جو تعميراتي ڪم گذريل چئن سالن کان بند آهي، جنهن ڪري سندن ٻارڙا کليل آسمان هيٺ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن.

هنن چيو ته اسڪول جي عمارت جو ڪم ڊي پي سي تائين ڪرائڻ کان پوءِ ٺيڪيدار گم ٿي ويو آهي.

مظاهرين مطالبو ڪيو ته اسڪول جي عمارت جو تعميراتي ڪم جلد مڪمل ڪرائي  سندن ٻارن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*