دادو ۾ عورت پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏجي مڙس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري مٿس مبينا طورتيزاب هارڻ جي ڪوشش جو الزام هنيو

Dadu Sindh

دادو ۾ عورت پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏجي مڙس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري مٿس مبينا طورتيزاب هارڻ جي ڪوشش جو الزام هنيو.

پراڻي سبزي منڊي جي رهواسڻ شبانا پروين پنهور پنهنجي ٻارن سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان مڙس دلدار پنهور خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي هن الزام هڻندي چيو ته مڙس مبينا طورتشدد ڪري مٿس تيزاب هارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پاڙي وارن وڌيڪ تشدد کان بچائي ورتو آھي.

هن روئندي ٻڌايو ته  هن مڙس کان گهر جو خرچ گھريو ته هن  تشدد جو نشانو بڻايو۽ تيزاب هارڻ جي ڪوشش ڪئي.

هن چيو ته خدشو آهي ته مڙس کيس ڪنهن به وقت  قتل ڪري ڇڏيندو، ان لاءِ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*