گوادر ۾ 15 ڏينهن اڳ شهيد ٿي ويل 9 پورهيتن جي وارثن انصاف نه ملڻ خلاف ڳوٺ صديق لاکي کان ڪنڊياري تائين مارچ ڪري احتجاج ڪيو

kandiyaro gawadr

گوادر ۾ 15 ڏينهن اڳ شهيد ٿي ويل 9 پورهيتن جي وارثن انصاف نه ملڻ خلاف ڳوٺ صديق لاکي کان ڪنڊياري تائين مارچ ڪري احتجاج ڪيو.

 نصيراحمد لاکي ۽ ممتاز علي لاکي جي اڳواڻي ۾ شهيدن جي وارثن 8 ڪلوميٽر مارچ ڪري ڪنڊياري پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي مارچ ڪندڙن چيو ته گوادر ۾ شهيد ويل 9 پورهيتن واري واقعي کي15 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود سنڌ سرڪار شهيدن جي وارثن جي ڪا به مالي سهائتا نه ڪئي آهي.

هنن چيو ته گوادر ۾ ڳوٺ جا 150 کان وڌيڪ پورهيت مزدوري ڪندا هئا، واقعي کان پوءِ واپس ڳوٺ موٽي آيا آهن، بيروزگاري سبب پريشان آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته شهيدن جي وارثن جي مالي سهائتا ڪري واقعي ۾ ملوث دهشتگردن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*