سپريم ڪورٽ پاناماڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جي ٻن ميمبرز تي حسين نواز جي اعتراضن واري درخواست سومر ڏينهن ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي
em
سپريم ڪورٽ پاناماڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جي ٻن ميمبرز تي حسين نواز جي اعتراضن واري درخواست سومر ڏينهن ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي.
پاناما ليڪس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي تي اعتراضن جي حوالي سان وزيراعظم نوازشريف جي پٽ حسين نواز درخواست داخل ڪرائي هئي.
سپريم ڪورٽ پاناماڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جي ٻن ميمبرز تي اعتراضن واري درخواست 29 مئي تي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي.
جسٽس اعجاز افضل جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ حسين نواز جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي.
سپريم ڪورٽ حسين نواز جي درخواست تي اٽارني جنرل آف پاڪستان کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، ٻڌڻي سومر تي ٿيندي……….