ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار نئين مالي سال جي 48 کرب رپين جي 9 کرب رپين جي خساري واري بجيٽ پيش ڪندي

ishaq dar

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار  نئين مالي سال جي 48 کرب رپين جي 9 کرب رپين جي خساري واري بجيٽ  پيش ڪندي چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ بنيادي ڍانچا، توانائي ۽ سي پيڪ منصوبا پهرين ترجيح قرار ڏنا ويا آهن.

نئين مالي سال جي ترقياتي بجيٽ 10 کرب رپين کان وڌيڪ هوندي، جڏهن ته دفاع تي 9 کرب 40 ارب خرچ ڪيا ويندا.

مالي سال 18-2017 جي بجيٽ ۾ بنيادي ڍانچي وارن منصوبن لاءِ 4 کرب 11 ارب، توانائي جي منصوبن لاءِ 4 کرب 4 ارب رپيا رکيا ويا، ايندڙ بجيٽ ۾ سي پيڪ منصوبن لاءِ هڪ کرب 80 ارب رپيا، جڏهن ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي لاءِ 3 کرب 23 ارب رپيا رکيا ويا.

نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ واپڊا لاءِ 60 ارب رپيا رکيا، پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي آبي منصوبن لاءِ 36 ارب رپيا رکيا ويا.

ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ديامير ڀاشا ڊيم منصوبي لاءِ 21 ارب، داسو هائڊرو پاور منصوبي لاءِ 53 ارب 77 ڪروڙ ۽ نيلم جهلم هائيڊرو پاور منصوبي لاءِ 19 ارب 57 ڪروڙ رکيا ويا، جڏهن ته تربيلا چوٿين توسيعي منصوبي لاءِ 16 ارب 39 ڪروڙ رپيا رکيا ويا.

ايٽمي توانائي ڪميشن لاءِ 16 ارب 80 ڪروڙ رکيا ويا، جڏهن ته چشما نيوڪليئر پاور ٿري ۽ فور لاءِ 7 ارب 11 ڪروڙ رپيا رکيا ويا

ملڪ ۾ تيار ٿيندڙ هر قسم جي زرعي مشينري ۽ اوزارن تي 7 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ختم ڪرڻ، ڪينولا ۽ سن  فلاور هائبرڊ ٻج تي لاڳو 5 سيڪڙو جي ايس ٽي ختم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي،

زرعي قرض تي وياج 7 سيڪڙو تائين محدود ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته مقامي ٽريڪٽر تي سيلز ٽيڪس 5 سيڪڙو کان گهٽتائي 2 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڪئي وئي آهي، نون ٽريڪٽرن جي درآمد تي 34 سيڪڙو ڊيوٽي ۽ ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جنهن سان حڪومت کي هڪ ارب رپين جو نقصان ٿيندو پر نئين سيڙپڪاري ٿيندي.

ملڪ ۾ تيار ٿيندڙ 3 کان 36 هارس پاور ڊيزل انجڻ کي سيلز ٽيڪس کان ڇوٽ ڏيڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪولڊ اسٽوريج مشينري ۽ اوزارن جي درآمد تي ڊيوٽي ۽ سيلز ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي وئي آهي.

فروزن فش جي درآمد تي 30 سيڪڙو ڊيوٽي لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جنهن سان حڪومت کي 47 ڪروڙ رپين جي آمدني جو امڪان آهي.

خشڪ کير، لسي پائوڊر تي ڊيوٽي 45 سيڪڙو کان وڌائي 60 ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، پيڪ کير تي سيلز ٽيڪس 17 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 10 سيڪڙو جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي، جنهن سان ٽيڪس وصلي 4 ارب رپيا 12 ڪروڙ گهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي،

فش ۽ فش فيڊ تي 20 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، سويابين تي ڊيوٽي وڌائڻ سان حڪومت کي 83 ڪروڙ رپيا وڌيڪ آمدني ٿيندي، سويابين جي درآمد ڊيوٽي 9 هزار في ٽن کان وڌائي 15 هزار في ٽن ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.

تعليم ۽ تربيت لاءِ 2 ارب 96 ڪروڙ رکيا ويا، هائر ايجوڪيشن ڪميشن لاءِ 35 ارب 66 ڪروڙ رپيا رکيا ويا.

آءِ ڊي پيز ۽ سڪيورٽي لاءِ 90 ارب رپيا رکڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي،  دفاع ڊويزن لاءِ 53 ڪروڙ 50 لک ۽ دفاعي پيداوار ڊويزن لاءِ 4 ارب 46 ڪروڙ رپيا رکيا ويا

4 ڪروڙ اسلام آباد نيشنل فلم اڪيڊمي قائم ڪرڻ جو فيصلو 4 ڪروڙ لاڳت، نيشنل گيمز ڪرائڻ لاءِ 9 ڪروڙ 20 لک رپيا رکيا ويا.

اسٽيبلشمينٽ ڊويزن لاءِ 27 ڪروڙ، ناڻي واري وزارت لاءِ 18 ارب 93 ڪروڙ ۽ پرڏيهي معاملن واري وزارت لاءِ 20 ڪروڙ رکيا ويا آهن.

انساني وسيلن واري وزارت لاءِ 30 ڪروڙ ۽ ريلويز لاءِ 42 ارب رپيا، ايوي ايشن ڊويزن لاءِ 4 ارب 34 ڪروڙ، ڪابينا ڊويزن لاءِ 15 ڪروڙ 97 لک، موسمياتي تبديلي ڊويزن لءِ 81 ڪروڙ 50 لک رپيا رکڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.

بجٽ ۾ ڪارپوريشنز 3 کرب 84 ارب رپيا رکيا ويا، جڏهن ته وزيراعظم جي خاص قدمن لاءِ 20 ارب رپيا رکيا ويا، هيلٿ انشورنس پروگرام لاءِ 10 ارب رپيا ۽ صوبن جي آبادي جي ڀلائي وارن پروگرامن لاءِ 7 ارب 70 ڪروڙ رپيا رکيا ويا.

گيس انفرااسٽرڪچر ڊويلپمينٽ فنڊز لاءِ 25 ارب رپيا، صاف پاڻي واري پروگرام لاءِ ساڍا 12 ارب رپيا، ايرا لاءِ ساڍا 7 ارب رپيا رکيا ويا، پورٽس اينڊ شپبنگ لاءِ 12 ارب 77 ڪروڙ ۽ روينيو ڊويزن لاءِ 79 ڪروڙ رپين جو ترقياتي بجيٽ رکڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.

بجيٽ 18-2017

خرچن جو ڪل ڪاٿو

ٽيڪس اوڳاڙي جو هدف

خسارو

غير ترقياتي

ترقياتي

بچاءَ

توانائي

تعليم

صحت

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*