سکر ۾ مغوي عبدالشڪور جمالي جي بازيابي لاءِ سندس وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

sukkur pro jamali bradri

سکر ۾ مغوي عبدالشڪور جمالي جي بازيابي لاءِ سندس وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

منظور جمالي ۽ پنهل جمالي جي اڳواڻي ۾ مغوين جي وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

مظاهرين چيو ته خيرپور پوليس مغوي عبدالشڪور جمالي جي بازيابي لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن.

مظاهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته مغوي عبدالشڪور جمالي کي جلد بازياب ڪرائي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

واضع رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سکر کان خيرپور ويندي عبدالشڪور جمالي کي ٻبر لوءِ وٽ اغوا ڪيو ويو هو سندس ڪار ڪشمور ڀرسان ملي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*