فرانس ۾ ڪرسمس جون تياريون شروع ٿي ويون آهن

عيسائي برادري جي عيد ڪرسمس ۾ اڃا ته ڪيترائي ڏينهن باقي آهن پر تيارين جي حوالي سان فرانس سميت مختلف ملڪن ۾ شروعات ٿي وئي آهي.

فرانس جي گادي واري شهر پئرس ۾ ڪرسمس جي موڪلن ۽ ڪرسمس ملهائڻ جي حوالي سان ڊپارٽمينٽل اسٽورز ۾ الڳ ڪائونٽر ۽ ونڊوز قائم ڪيون ويون آهن.

پئرس جي اهم ڊپارٽمينٽل اسٽورز پاران ڪرسمس جي تيارين جي حوالي سان هينئر کان ئي پرجوش قدم سامهون اچي رهيا آهن ۽ پئرس جي ڊپارٽمينٽل اسٽورز پاران ڪرسمس جي حوالي سان شين جي وڪري لاءِ ڌار ڪائونٽر ۽ خصوصي آفرز جاري ڪيون ويون آهن.

ڪرسمس کان اڳ ڊپارٽمينٽل اسٽورز تي ڪرسمس ٽري کي سينگاري به وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي.

                                                                                     ڪرسمس جي حوالي سان تيارين ۽ ڪرسمس جي خاص شين جو وڪرو جنوري جي پنجين تاريخ  تائين جاري رهندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*