عمر ڪوٽ ۾ گرلس اسڪول جي ڇت مان چاپڙ ڪرڻ جي نتيجي ۾ شاگردياڻي سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

umerkot map

عمر ڪوٽ ۾ گرلس اسڪول جي ڇت مان چاپڙ ڪرڻ جي نتيجي ۾ شاگردياڻي سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس لائين واري علائقي جي گرلس پرائمري اسڪول جي ڇت مان چاپڙ ڪرڻ سبب پنجين ڪلاس جي شاگردياڻي رينوڪا مالهي سخت زخمي ٿي پئي.

 زخمي ٿيل شاگردياڻي کي فوري طور سول اسپتال عمرڪوٽ  پهچايو ويو، جتي طبي امداد ڏني وئي.

واقعي جو اطلاع ملندي شاگردياڻين جا والدين اسڪول پهچي پهچي ويا، جن ٻارن جي خيريت معلوم ڪئي.

اسڪول انتظاميا موجب اسڪول جي عمارت جي ڇت زبون ٿي وئي آهي، جنهن بابت کاتي کي آگاهه ڪيو ويو آهي، اسڪول جي مرمت نه ڪرائي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*