پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ سڊني پهچي وئي

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم نيوزيلينڊ جي ٽيم خلاف ٻن ون ڊي ميچز واري سيريز ۾ شڪست بعد ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ شرڪت ڪرڻ لاءِ سڊني پهچي وئي آهي،جتي قومي ٽيم اڄ پريڪٽس سيشن ۾ شرڪت ڪئي آهي.

دنيا جي ڪرڪيٽ جي سڀ کان وڏي ميگا ايونٽ ورلڊڪپ جي شروع ٿيڻ ۾ باقي 9 ڏينهن بچيا آهن.

ميگا ايونٽ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا جون ٽيمون ڀرپور تياري ڪرڻ بعد ميزبان ملڪ پهچي رهيون آهن، جڏهن ته ڪجهه ٽيمن پهچڻ جي تيارين ۾ مصروف آهن.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم ميگا ايونٽ کان پهرين نيوزيلينڊ جي دورو ڪيو، جتي ٽيم کي پهرين ٻن پريڪٽس ميچز ۾ شڪست ملي ۽ ٻن ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ به قومي ٽيم کي شڪست نصيب ٿي.

اڄ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سڊني ۾ هيڊ ڪوچ وقاريونس جي نگراني هيٺ ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪئي.

ٽريننگ سيشن ۾ ٽيم جي سمورن رانديگرن نيٽ ۾ بيٽنگ ۽ بالنگ تي ڌيان ڏنو.

قومي ٽيم ميگا ايونٽ کان پهرين ٻه وارم اپ ميچز کيڏندي  9 تاريخ تي بنگلاديش ۽11 فيبروري تي انگلينڊ جي ٽيم خلاف ميچ کيڏندي.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ميگا ايونٽ جي پهرين ميچ ۾ قومي ٽيم روائتي حريف ڀارت سان مهاڏو اٽڪائيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*