وزيرستان ۾ دهشتگردن سان ويڙهه دوران شهيد ٿي ويل فوجي جوان علاوالدين واٽيو کي هنڱورجا ڀرسان اباڻي قبرستان ۾ فوجي اعزاز سان مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويو

hingorja foji

وزيرستان ۾ دهشتگردن سان ويڙهه دوران شهيد ٿي ويل فوجي جوان علاوالدين واٽيو کي هنڱورجا ڀرسان اباڻي قبرستان ۾ فوجي اعزاز سان مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويو.

ڳوٺ واٽيا ۾ شهيد فوجي جوان علاوالدين واٽيو جي جنازي نماز ۾ برگيڊيئر عابد اصغري،ميجر وسيم سميت ٻين اهلڪارن ۽ ڳوٺاڻن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

شهيد فوجي جوان علاوالدين واٽيو کي اباڻي قبرستان ۾ فوجي اعزاز سان مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويو، جتي فوجي دستي پاران شهيد فوجي جوان کي سلامي پيش ڪئي وئي.

شهيد فوجي جوان جي والد نذير احمد واٽيو  چيو ته کيس پٽ جي شهادت تي فخر آهي جنهن ملڪ ۽ قوم جي حفاظت خاطر دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪائيندي شهادت ماڻي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*