سجاول تعلقي اسپتال ۾ نوجوان ناريءَ مبينا طور علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿي وئي، وارثن اسپتال عملي خلاف احتجاج ڪندي ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي

sajawal nari foat

سجاول تعلقي اسپتال ۾ نوجوان ناريءَ مبينا طور علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿي وئي، وارثن اسپتال عملي خلاف احتجاج ڪندي ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

ڇريٽاڻي جي ڳوٺ نور محمد ٽانڊائي جي رهواسڻ ناري روزان ڌي مکڻ ٽانڊائي کي مٿي ۾ سور جي شڪايت سبب سندس امڙتعلقي اسپتال کڻائي وئي، جتي هو فوت ٿي وئي.

فوتي ناري جي امڙ ٻڌايو ته هن سندس ڌي کي صبح جو 9 لڳي ڌاري اسپتال پهچايو، پر ڊاڪٽرن علاج ڪرڻ کان انڪار ڪندي کيس ڪراچي کڻائي وڃڻ جو چيو پر هنن اسپتال جي ايمبولينس نه ڏني.

هن چيو ته نياڻي جي علاج لاءِ 500 رپيا آندا هئا، وڌيڪ پئسا نه هئڻ ۽ ايمبولينس نه ملڻ سبب سندس ڌيءَ ڪراچي منتقل نه ٿي سگھي ۽ اسپتال ۾ هوندي بنا علاج جي فوت ٿي وئي.

فوتي ناري جي وارثن اسپتال جي گيٽ تي احتجاج ڪندي چيو ته سندن ناري جي موت جا ذميوار ڊاڪٽر آهن، جن روزان جو علاج ڪرڻ کان انڪار ڪيو.

هنن وڌيڪ چيو ته سجاول جي تعلقي اسپتال اين جي او حوالي ٿيڻ بعد ريفر سينٽر بڻيل آهي، جتي علاج جي ڪا به سهولت موجود نه آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته ناري جي موت جي جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*