سنڌ پوليس مان برطرف ٿيل 13 نوجوانن پاران بحالي لاءِ گهوٽڪي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ghotki police pro

سنڌ پوليس مان برطرف ٿيل 13 نوجوانن پاران بحالي لاءِ گهوٽڪي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

نديم احمد ڌونڌي ۽ زاهد حسين ٽڳڙ جي اڳواڻي ۾ نوجوانن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرو ڪندڙ نوجوانن چيو ته اين ٽي ايس ذريعي ڪامياب ٿيڻ بعد اسان کي هلندڙ سال مارچ مهيني ۾ پوليس ۾ ڀرتي ڪيو ويو هو.

هنن چيو ته اسان ٻن مهينن تائين پوليس لائين گهوٽڪي ۾ ڊيوٽي به ڪئي بعد ۾ ايس پي آفيس جي شيٽ ڪلارڪ چيو ته توهان جا آرڊر رد ڪيا ويا آهن.

احتجاج ڪندڙ نوجوانن وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کان مطالبو ڪيو ته اسان کي بحال ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*