ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي ماڊل اسڪول ۾ سائنس ۽ آرٽ ميلو لڳايو ويو

dokri science

ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي ماڊل اسڪول ۾ سائنس ۽ آرٽ ميلو لڳايو ويو، جي شاگردن پاران سائنس ۽ آرٽ جي مختلف شين جا اسٽال لڳايا ويا ۽ شين جي اهميت بابت آيل ماڻهن کي ڄاڻ ڏني.

تقريب کي خطاب ڪندي ڪيڊٽ ڪاليج جي پرنسپال افتخار حسين ۽ ماڊل اسڪول جي پرنسپال رياض حسين سمون چيو ته تعليم سان ئي ترقي ممڪن آهي سائنسي ۽ آرٽ  ميلو لڳائڻ جو مقصد ٻارڙن کي سائنس ۽ آرٽ جي شين بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ آهي.

هنن چيو ته تعليمي سرگرمين سان گڏ سائنسي ۽ ثقافتي سرگرميون ضروري آهن، جيئن شاگردن جي ذهني اوسر بهتر ٿيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*