ناڻي واري وفاقي وزير اسهاق چيو آهي ته سندن پهرين ترجيح پاڪستان جو معاشي استحڪام آهي

ishaq dar

ناڻي واري وفاقي وزير اسهاق چيو آهي ته سندن پهرين ترجيح پاڪستان جو معاشي استحڪام آهي، عام چونڊن کان اڳ ميثاق معيشت ٿيڻ گهرجي.

پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ دفاع تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو آهي ۽ ڪو به اهڙو ٽيڪس ناهي لڳايو جنهن سان عام ماڻهو متاثر ٿئي.

 ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته وزير ۽ ميئر ٿيڻ باوجود هو امير شخص نه آهي، ايندڙ سال واري بجيٽ به پيش ڪري تاريخ لکرائيندا.

اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته سندن پهرين ترجيح پاڪستان جو معاشي استحڪام آهي، عام چونڊن کان اڳ ميثاق معيشت ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته هلند سل 10 هزار ميگا واٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويندا.

اسحاق ڊار چيو ته سوشل ميڊيا بابت ڪجهه معاملا ڪليئر ڪرڻا پوندا، ماضي ۾ نظرانداز ٿيل شعن کي اهميت ڏني وئي آهي.

ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ڏهه لک نوجوانن کي تربيت ڏئي روزگار ڏيڻ جو پروگرام رٿيو ويو آهي، اسپيشل آبادگار اسڪيم شروع ڪري 12 ايڪڙ زمين رکندڙ کي قرض ڏنو  ويندو، جڏهن ته ڪي به ڳجها ٽيڪس نه لڳايا ويا آهن.

اسحاق ڊار چيو ته ميڊيا ڪردار ادا ڪندي اجايو اگهن ۾ واڌ جي نشاندهي ڪري.

ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته سي پيڪ منصوبن سان اقتصاي ترقي ۾ تيزي ايندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*