سنڌ حڪومت ايڊووڪيٽ جنرل جي الائونسز ۾ ٽي سئو سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي

adocat notification

سنڌ حڪومت ايڊووڪيٽ جنرل جي الائونسز ۾ ٽي سئو سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد ايڊووڪيٽ جنرل جو ماهوار پيڪيج 18 لک رپيا ٿي ويو آهي، جڏهن ته کيس صوبائي وزير برابر ميڊيڪل الائونس ۽ ٻيون سهولتون ڌار ملنديون.

سنڌ حڪومت پاران ايڊووڪيٽ جنرل جو ريٽنرشپ ڏيڍ لک مان وڌائي 4 لک 20 هزار رپيا ۽ نان پريڪٽسنگ الائونس ساڍا 4 لک مان وڌائي 12 لک 60 هزار ماهوار ڪيو ويو آهي.

اي جي جو هائوس رينٽ هڪ لک مان وڌائي هڪ لک 20 هزار ۽ روزانو الائونس 4 هزار ڪيو ويو آهي.

ايڊووڪيٽ جنرل کي 1300 سي سي بدران هاڻي فارچونر گاڏي ڏني ويندي، جڏهن ته کيس صوبائي وزير برابر ميڊيڪل جون سهولتون ۽ موبائل فون لاءِ 5 هزار رپيا ماهوار ملندا.

ايڊووڪيٽ جنرل سرڪاري دوري جي صورت ۾ هوائي جهاز جي اڪانامي پلس درجي ۾ سفر ڪري سگهندو ۽ سنڌ هائوس يا سرڪاري رهائش نه هجڻ جي صورت ۾ فائيو اسٽار هوٽل ۾ رهڻ جي سهولت هوندي.

ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل جو ريٽنر الائونس 45 هزار مان وڌائي هڪ لک، نان پريڪٽسنگ الائونس سوا ٻن لکن مان وڌائي 4 لک ۽ هائوس رينٽ 30 هزارن مان وڌائي 60 هزار ڪيو ويو آهي، کيس 21 گريڊ جي آفيسر برابر طبي سهولتون حاصل هونديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*