ڪراچي جي علائقي ڀينس ڪالوني ۾ پوليس مقابلي ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا

ڪراچي جي  علائقي ڀينس ڪالوني ۾ پوليس مقابلي ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا ۽  اي ايس آءِ سميت 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن.

ايس ايس پي ملير رائو انوار جو چوڻ ڀينس ڪالوني ۾ شهرين کان ڦر لٽ ڪندڙ ڦورن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا ۽ اي ايس آءِ سميت 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا.

ڦورن سان مقابلي ۾ سکن ٿاڻي جو  ڪانسٽيبل اعجاز چيما  ۽ اي ايس آءِ سعيد بروهي زخمي ٿي پيا، جن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*