لاهور جي سرڪاري اسڪول ۾ ڪلاس روم جي صفائي نه ڪرڻ تان ٻن ماسترياڻين 9 ڪلاس جي شاگرياڻي کي ٽئين ماڙ تان هيٺ اڇلائي ڇڏيو

Teachers-suspended-for-pushing-9th-grade-student-29517

لاهور جي سرڪاري اسڪول ۾ ڪلاس روم جي صفائي نه ڪرڻ تان ٻن ماسترياڻين 9 ڪلاس جي شاگرياڻي کي ٽئين ماڙ تان هيٺ اڇلائي ڇڏيو، سندس جسم جون مختلف هڏيون ڀڃي پيون آهن، وڏي وزير واقعي جي نوٽيس وٺندي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن اٿارٽي چيف ايگزيڪٽو آفيسر احسان ملڪ، ڊپٽي ڊي اي او طيبه بٽ ۽ ايڊمنسٽريٽر سميت ٻنهي ماسترياڻين کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.

شاهدره ڪوٽ شهاب الدين ۾ سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ گرلز اسڪول ۾ 23 مئي ٻن ماسترياڻين ڪلاس روم صاف نه ڪرڻ تان 14 سالن جي شاگردياڻي فجر نور کي ٽئين ماڙ تان هيٺ اڇلائي ڇڏيو، جنهن کي ميو اسپتال منتقل ڪيو ويو، هڪ هفتي تائين واقعي کي لڪايو ويو، واقعي جو ڪيس ٻن ماسترياڻين خلاف ارادي قتل تحت داخل ڪيو ويو آهي.

سيڪريٽري ايجوڪيشن اسڪولز ڊاڪٽر الله بخش ملڪ واقعي جي تصديق ڪندي چيو ته ٻن ماسترياڻين ريحانه ڪوثر ۽ بشريٰ طفيل پهرين شاگردياڻي فجر نور تي تشدد ڪيو بعد ۾ کيس ٽئين ماڙ عمارت تان هيٺ اڇلائي ڇڏيو.

هن چيو ته کين واقعي بابت 27 مئي ڄاڻ ملي، واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، واقعي جي مڪمل جاچ لاءِ وڏي ويز جي انسپيڪشن ٽيم کي به لکي چڪو آهيان.

ڊاڪٽر الله بخش ملڪ جو چوڻ هو  ته وڏي وزير واقعي کي هڪ هفتي تائين لڪائڻ تي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن اٿارٽي چيف ايگزيڪٽو آفيسر احسان ملڪ، ڊپٽي ڊي اي او طيبه بٽ ۽ ايڊمنسٽريٽر سميت ٻنهي ماسترياڻين کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته ڄاڻايل آفيسرن ۽ ماسترياڻين خلاف پنجاب ايمپلائيز افيشينسي اينڊ ڊسپلينري ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪئي ويندي.

  ڊاڪٽر الله بخش ملڪ چيو ته شاگرياڻي فجر نور جي علاج جو خرچ پنجاب حڪومت برداشت ڪندي، شاگردياڻي فجر نور جي زندگي خطري کان ٻاهر آهي، ڊاڪٽر سندس زندگي بچائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن.

  زخمي ٿيل شاگردياڻي فجر نور جي امڙ رخسانه بيبي چيو ته ماسترياڻين سندس ڌي تي وحشاڻيو تشدد ڪري عمارت تان هيٺ اڇلائڻ وارو عمل غيرانساني آهي.

رخسانه بيبي چيو ته  وزير اعليٰ شهباز شريف کي واقعي جو نوٽيس وٺي سندس ڌي جو بهترين علاج ڪرائي ملوث ذميوارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.

ميوه اسپتال ۾ هوش ۾ اچڻ بعد شاگردياڻي فجر نور ٻڌايو ته 23 مئي تي ڪلاس صاف ڪرڻ بابت سندس وارو هو پر طبيعت صحيح نه هئڻ ڪري روم صاف ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته ماسترياڻيون اسڪول جي هڪ ڪمري ۾ وٺي ويون، جتي تشدد ڪرڻ بعد ڇت تي وٺي ويون.

شاگرياڻي فجر نور چيو ته ڇت تي ٻيهر بحث ڪرڻ دوران ماسترياڻين مون کي ڌڪو ڏئي هيٺ ڪيرائي ڇڏيو

ٻئي طرف شاهدره ٽائون پوليس ماسترياڻين خلاف قتل ارادي جو ڪيس داخل ڪري سندن گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهي آهي، اڃاتائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي آهي.

Comments

  1. Khaliq
    Khaliq 30 May, 2017, 11:47

    plz discuss new education policy with Secretary sahb, its very strict

    Reply this comment

Write a Comment

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*