بک ۽ بيمارين سبب وڌيڪ ٽي معصوم ٻارڙا فوت انگ وڌي 400 ٿي ويو

ڏڪار سٽيل ٿر ۾ موت جو راڪاس اڄ وڌيڪ ٽن معصوم ٻارڙن جون حياتون ڳڙڪائي ويو، بک ۽ بيمارين وگهي فوت ٿيل فوتين جو انگ وڌي 400 ٿي ويو آهي.

سول اسپتال مٺي ۾ ڳوٺ ڪاسٻو جي رهواسي پورهيت واشو ميگهواڙ جو ٽن ڏينهن جو پٽ فوت ٿي ويو، جڏهن ته ساڳئي اسپتال ۾ اسلام ڪوٽ واسي پورهيت جوار ميگهواڙ جو پڻ ٽن ڏينهن جو پٽ فوت ٿي ويو.

سول اسپتال مٺي ۾ ئي ڪلوئي واسي پورهيت ڏيٿي مل جو به ٽن ڏينهن جو پٽ فوت ٿي ويو.

ٿر ۾ بک ۽ بيمارين وگهي چئن مهينن دوران فوت ٿيلن جو انگ وڌي 400 ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*