ٺل ۾ درگاهه يارمحمد شاهه جي قبرستان جي زمين تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

thul pro

ٺل ۾ درگاهه يارمحمد شاهه جي قبرستان جي زمين تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ٺل ۾  ٻارن فقير ظهور ڪنراڻي جي اڳواڻي ۾  پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي.

مظاهرين چيو ته بااثر ماڻهن روينيو عملدارن جي ملي ڀڳت سان درگاهه يارمحمد شاهه جي قبرستان واري زمين تي قبضو ڪيو آهي.

هنن چيو ته اعلي عملدارن ۽ چونڊيل نمائندن کي درخواستون ڏنيون ويون آهن پر ڪو به تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

مظاهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته درگاهه يارمحمد شاهه جي قبرستان واري زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*