ڪي پي ۾ بجلي جي ڊگهي ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ کان تنگ ٿيل عوام سراپا احتجاج بڻيل آهي

peshawr malakand pro

ڪي پي ۾ بجلي جي ڊگهي ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ کان تنگ ٿيل عوام سراپا احتجاج بڻيل آهي، مالاڪنڊ ۾ گرمي سٽيل  ماڻهن واپڊا هائوس کي ئي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جنهن  دوران  فائرنگ ۾ هڪ شخص مارجي ويو.

مالاڪنڊ جي علائقي درگئي ۾ سوين ماڻهن احتجاج ڪندي واپڊا هائوس جو گهيرو ڪيو، جنهن دوران مڇريل ماڻهن عمارت کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

ليويز اهلڪارن ماڻهن کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ   فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان هڪ ڄڻو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

احتجاج ڪندڙن  فائرنگ ۾ مارجي ويل شخص جو لاش رکي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ جي اچ وڄ معطل ٿي وئي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل نه ڪيو ويو ته واپڊا آفيس جو گهيرو ڪيو ويندو.

پشاور ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف شهرين رنگ روڊ تي پي ٽي آءِ   ايم پي اي فضل الاهي جي قيادت ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

پيسڪو ترجمان جو چوڻ آهي ته جن علائقن ۾ ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن انهن علائقن  88 سيڪڙو خساري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي .

پيسڪو ترجمان  موجب، 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي ۽  وڳوڙن بدران معاملا ڳالهين ذريعي به حل ٿي سگهن ٿا…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*