گهرو کاتي واري صوبائي وزير سهيل انور سيال کيس سڪيورٽي ٿريٽ هئڻ جو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته آءِ جي سنڌ پاران کيس آفيس لاءِ ڪمرو نه ڏيڻ جي کيس ڄاڻ نه آهي

sohail anwer siyal

گهرو کاتي واري صوبائي  وزير سهيل انور سيال کيس سڪيورٽي ٿريٽ هئڻ جو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته آءِ جي سنڌ پاران کيس آفيس لاءِ ڪمرو نه ڏيڻ جي کيس ڄاڻ نه آهي، ماتحت آءِ جي سان تعلق رولز مطابق برقرار آهي.

ڪراچي ۾ زراعت ۽ بيورو آف سپلائي اينڊ پرائسز کاتي جي اجلاس صدارت ڪندي  سهيل انور سيال ڪمشنر ڪراچي کي شهر ۾ غيرقانوني بازارن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

صوبائي گهرو وزير  پوليس کي  شهري انتظاميا سان سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته اجلاس دوران  ڪمشنر سکر عباس بلوچ سڀ ڪجهه ٺيڪ هئڻ جي رپورٽ ڏني.

ڪمشنر سکر موجب عام واهپي واريون شيون سرڪار پاران مقرر ڪيل اگهه تي وڪرو  ٿي رهيون آهن.

اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سهيل انور سيال چيو ته پيپلز پارٽي جيڪڏهن ذوالفقار مرزا جي الزامن تي ايڪشن کڻي ها ته ان کي انتقام سڏيو وڃي ها، پر هنن عدليا جو در کڙڪايو، جتان کين انصاف ملڻ جي اميد آهي.

گهرو کاتي ۽ زراعت واري صوبائي وزير  کيس سڪيورٽي ٿريٽ هئڻ جو انڪشاف ڪندي چيو ته آءِ جي سنڌ پاران کيس آفيس لاءِ ڪمرو نه ڏيڻ جي  ڄاڻ نه آهي، ماتحت آءِ جي سان تعلق رولز مطابق برقرار آهي.

سهيل انور سيال چيو ته رمضان ۾ اجلاس دوران سمورن پوليس آفيسرن کي  نٿو گهرائي سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*