دولتپور ۾هفتي کان صفائي نه ٿيڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو

dolatpur pro

دولتپور ۾هفتي کان صفائي نه ٿيڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو .

شهر جي ڪبير سٽي علائقي، محبوب شاهه پاڙي، رضا آباد، لانگاهه محلي ۽ ٻين علائقن جي رهواسين ولي محمد جوکيو، نياز انڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ٽائون چيئرمين جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته شهر ۾ هڪ هفتي کان  صفائي نه ٿيڻ ڪري گٽر  ۽ نالا اٿلي پيا آهن.

هنن چيو ته مين چوڪن تي گند ڪچري جا ڍير لڳي ويا آهن، پر ٽائون انتظاميا شهر جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڪا به دلچسپي نه وٺي رهي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته  24 ڪلاڪن ۾ شهر جي صفائي ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*