حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قتل جي الزام هيٺ گرفتار جوابدار پاران پنهنجو ڳلو ڪپي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل

حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قتل جي الزام هيٺ گرفتار جوابدار پنهنجو ڳلو ڪپي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قتل جي الزام هيٺ گرفتار ٿيل جوابدار علي محمد شورو پنهنجو ڳلو ڪپي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس موجب آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار علي محمد شورو ڪوٽڙي جو رهواسي آهي ۽ قتل جي ڪيس ۾ قيد هو.

گرفتار جوابدار پاران آپگهات جي ڪوشش ڪرڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته قيدي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*