تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته جي آءِ ٽي ميمبرز تي اعتراض جو مقصد اهو آهي

fawad chodhary

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته جي آءِ ٽي ميمبرز تي اعتراض جو مقصد اهو آهي ته جيئن جي آءِ 60 ڏينهن ۾ ڪم مڪمل نه ڪري سگهي.

فواد چوڌري اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن ٻاهران ڳالهائيندي چيو ته هنن اليڪشن ڪميشن ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي پر کين ٻڌايو وڃي ته  حسين نواز 16 سالن ۾ ارب پتي ڪيئن بڻيو.

هن چيو ته نواز شريف جي اڌ ڪابينا پرويز مشرف سان گڏ هئي،  مسلم ليگ ن جو وڪيل پرويز مشرف جي دور ۾ اٽارني جنرل هو.

هن چيو جي آءِ ٽي تي اعتراض ان ڪري لڳايا پيا ته جئين جي آءِ ٽي 60 ڏينهن ۾ ڪم مڪمل نه ڪري سگهي.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته کين اميد آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي مڪمل عمل درآمد ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*