سنڌ جي سينئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙي چيو آهي ته ملڪ مان لوڊشيڊنگ خاتمي بابت وفاقي حڪومت جون سڀئي دعوائون ڪوڙيون ثابت ٿيون آهن

Nisar-Khoro-14417

       سنڌ جي سينئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙي چيو آهي ته ملڪ مان لوڊشيڊنگ خاتمي بابت وفاقي حڪومت جون سڀئي دعوائون ڪوڙيون ثابت ٿيون آهن ۽ رمضان ۾ به 20-20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪرڻ عوام سان زيادتي آهي.

     نثار احمد کهڙي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي عوام جو احتجاج به وفاقي حڪومت کي نظر نه پيو اچي پر پ پ لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج جاري رکندي.

  هن چيو ته سنڌ ۾ رمضان دوران به 20-20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جيڪا عوام سان زيادتي آهي.

             نثار کهڙي چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ عوام نواز ليگ کي ڪوڙن وعدن تي ووٽ نه ڏيندو، سخت گرمي باوجود هٿرادو لوڊشيڊنگ  ڪري عوام کي مشڪلاتن ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*