پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان فون تي رابطو ڪري فيڊر ٽرپ ٿيڻ تي ساڻس افسوس جو اظهار ڪيو آهي

murad ali and khuwaja asif

پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان فون تي رابطو ڪري فيڊر ٽرپ ٿيڻ تي ساڻس افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

رابطي دوران سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته لوڊشيڊنگ سبب سنڌ جو عوام سخت مشڪل کي منهن ڏئي رهيو آهي.

مراد علي شاهه پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف کي ميار ڏيندي چيو ته اوهان واعدو ڪيو هو رمضان دوران سحري ۽ افطاري وقت لوڊ شيڊنگ نه ڪئي ويندي، پر ائين نه پيو ٿئي.

خواجه آصف چيو ته هو پنهنجي واعدي تي قائم آهي، ان شا الله لوڊشيڊنگ گهٽ ٿي ويندي ۽ رمضان ۾ خاص خيال رکيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*