چيمپيئنز ٽرافي جي لاءِقومي ٽيم جي تيارين کي ان وقت ڌچڪو لڳو،جڏهن ته آسٽريليا خلاف جاري وارم اپ ميچ برسات سبب رد ڪيو ويو

Australia-v-Pakistan-Champions-Trophy-warm-ups--30517

چيمپيئنز ٽرافي جي لاءِقومي ٽيم جي تيارين کي ان وقت ڌچڪو لڳو،جڏهن ته آسٽريليا خلاف جاري وارم اپ ميچ برسات سبب رد ڪيو ويو.

 انگلينڊ جي شهر ايبجسٽن ۾ آسٽريلوي ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪئي.

  ميچ ۾ صرف 10 ڏهائي 2 اوورس جي راند ٿي، جنهن ۾ پاڪستان بالرز هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

  پهرين جون کان شروع ٿيندڙ چيمپيئنز ٽرافي ۾ بهتر ڪارڪردگي جومظاهرو ڪرڻ لاءِٽيم ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهي.

   قومي ٽيم چار جون تي پهرين ميچ روائتي حريف ڀارت سان کيڏندي.

    ٻنهي ملڪن جي عوام کي پاڪ ڀارت ميچ جو ميچيني سان انتظار آهي.

   واضح رهي ته اڳوڻُو ٽيسٽ ڪپتان يونس خان پهرين ئي چئي چڪو آهي، ته قومي ٽيم ڀارت کي شڪست ڏيڻ پوري صلاحيت رکي ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*