پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ايف آءِ اي ڪارروايون ڪري عورت ايجنٽ سميت 4 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو

FIA-7916

پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ايف آءِ اي ڪارروايون ڪري عورت ايجنٽ سميت 4 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو.

فيصل آباد جي علائقي تاندليا نوالا ۾ ايف آءِ اي چاپو هڻي هڪ عورت ايجنٽ کي گرفتار ڪري ورتو.

ايف آءِ اي موجب، جوابدارڻ آسيه بي بي شهري کي پرڏيهه موڪلڻ جو آسرو ڏئي 3 لک 90 هزار هڙپ ڪيا.

گوجرانوالا ۽ ظفر وال وارن علائقن ۾ ايف آءِ اي ڪارروايون ڪري هڪ انساني اسمگلر اعظم عرف گرو سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

ايف آءِ اي موجب، گرفتار ٿيلن ۾ امجد علي ۽ بلال احمد شامل آهن، جن  کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*