ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪري 6 ڦورن کي گرفتار ڪري ورتو

Karachi-Police-10517

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪري 6 ڦورن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته هڪ گارڊ گهر مان ڌاري جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.

سنگولين ۽ عمر لين وارن علائقين ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪري 3 جوابدارن مجيد، اعجاز ۽ اسامه بلوچ کي گرفتار ڪري وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ورتي.

گلبهار ۽ ڪورنگي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري ٻن روپوش ڏوهارين سميت 3 جوابدارن کي ڦر ٿيل موٽر سائيڪلن سميت گرفتار ڪري ورتو.

نارٿ ناظم آباد جي بلاڪ ايڇ ۾ گارڊ هڪ گهر مان ڌاڙي جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ جيي ڏي وٺ ۾ دوران گارڊ زخمي ٿي پيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*