وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ ڪابينا جي توانائي ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٻيهر ٿي رهيو آهي

Nawaz-Sharif-Cabinet-30517

وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ ڪابينا جي توانائي ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٻيهر ٿي رهيو آهي. ملڪ ۾ جاري بجلي بحران بابت اهم فيصلن جو امڪان آهي.

اجلاس جي صدارت وزيراعظم نوازشريف ڪندو، جنهن ۾ ملڪ اندر بجلي جي اضافي لوڊشيڊنگ ۽ رمضان ۾ لوڊشيڊنگ جي شيڊول تي  غور ويچار ڪيو ويندو.

وزيراعظم نوازشريف رمضان جي ڀلاري مهيني ۾  سحري ۽ افطاري وقت بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.

اجلاس ۾ ملڪ جاري لوڊشيڊنگ تي اهم فيصلن جو  به امڪان  آهي.

وزيراعظم نوازشريف ملڪ اندر اضافي لوڊشيڊنگ تي  سخت ڪاوڙ جو به اظهار ڪيو هو.

وزيراعظم نوازشريف چيو ته لوڊشيڊنگ جو موجوده شيڊول قبول نه ڪيو ويندو. سحري ۽ افطاري ۾ لوڊشيڊنگ نه ٿيڻ گهرجي.

وزيراعظم چيو ته عوام جي مڪمل رليف نه ملڻ تائين سک جو ساهه نه کڻندا…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*