ڄامشورو ٿرمل پاور هائوس ۾500 ڪي وي ٽرانسميشن لائين ٻيهر ٽرپ

Jamshoro-Electric-30517

ڄامشورو  ٿرمل پاور هائوس ۾500 ڪي وي ٽرانسميشن لائين ٻيهر ٽرپ ٿيڻ سبب سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، ٽنڊو الهيار ۽ ميرپورخاص سميت 13 ضلعن ۾ بجليءَ جو ڊگهو بريڪ ڊائون ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ اڌ سنڌ اوندهه ۾ ٻڏي وئي.

بجليءَ جي ڊگهي بريڪ ڊائون ۽ ساهه ٻوساٽيندڙ گرميءَ سبب شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ماڻهن سڄي رات جاڳي گذاري، سحريءَ ۾ پڻ روزيدارن کي تمام گهڻي تڪليف سان منهن ڏيڻو پيو.

حيسڪو ترجمان چيو آهي ته ڄامشورو  ٿرمل پاور هائوس ۾500 ڪي وي ٽرانسميشن لائين ٻيهر ٽرپ ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، ٽنڊو الهيار، ميرپورخاص، نوابشاهه، مٽياري، ٽنڊو محمد خان، ٺٽو ۽ سجاول ضلعن جي سمورن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي.

ترجمان جو چوڻ هو ته هاءِ ٽرانسميشن لائين ٽرپ ٿيڻ ڪري حيسڪو ريجن جا 76 گرڊ اسٽيشن بند ٿي ويا،جنهن ڪري مختلف شهرن ۽ علائقن کي بجلي فراهمي معطل ٿي وئي.

حيسڪو ترجمان وڌيڪ چيو ته حيسڪو جون ٽيمون ڄامشورو ٿرمل پاور هائوس ۾ٽرپ ٿيل 500 ڪي وي هاءِ ٽرانسميشن لائين جي مرمتي ڪم ۾ مصروف آهن،جلد ڄاڻايل علائقن جي بجلي بحال ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*