سنڌ هاءِ ڪورٽ مت ڀيد جي بنياد تي بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪرڻ تي نيپرا کي ڪي اليڪٽرڪ خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي

Sindh-high-Court-19417

سنڌ هاءِ ڪورٽ مت ڀيد جي بنياد تي بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪرڻ تي نيپرا کي ڪي اليڪٽرڪ خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ غريب علائقن ۾ وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪرڻ خلاف داخل درخواست فيصلو ٻڌائيندي ڪي اليڪٽرڪ کي نيپرا جي 22 جنوري2016 واري حڪم تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

عدالت فيصلي ۾ حڪم جاري ڪيو ته نيپرا ڪي اليڪٽرڪ خلاف قانون مطابق ڪارروائي ڪري.

گذريل ڏينهن ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ لوڊشيڊنگ خلاف ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو.

نيپرا، ڪي اليڪٽرڪ جي علائقائي مت ڀيد تي اڻ اعلانيل ۽ ڊگهي لوڊشيڊنگ کي غير قانوني قرار ڏيندي اهڙو رويو ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*