چمبڙ ويجھو ڪوسٽر ۽ سوزوڪي پڪ اپ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيوآهي

Chambar-Sindh-30517

چمبڙ ويجھو ڪوسٽر ۽ سوزوڪي پڪ اپ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيوآهي.

ٽنڊي غلام علي روڊ تي سوزوڪي ۽ ڪوسٽر ۾آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾45 ورهين جو ٽنڊي الهيار واسي اڪرم شاهه فوت ٿي ويو.

جڏهن ته سوزوڪي جو ڊرائيور اصغر کوکر زخمي ٿي پيو، جنهن کي چمبڙ جي اسپتال ۾منتقل ڪيو ويو.

 حادثي بعد ڪوسٽر جو ڊرائيور فرار ٿي ويو، پوليس ڪوسٽر کي تحويل ۾وٺي چمبڙ ٿاڻي تي بيهاري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*