خيبرايجنسي ۾ امن لشڪر جي گاڏي ويجهو بارودي سرنگ جي ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ رضاڪار مارجي ويو ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا

Kyber-Agency-Mine-Blast-30517

خيبرايجنسي ۾ امن لشڪر جي گاڏي ويجهو بارودي سرنگ جي ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ رضاڪار مارجي ويو ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

وادي تيرا جي علائقي پايندي چينا ۾ امن لشڪر جي گاڏي ويجهو بارودي سرنگ جو ڌماڪو ٿيو.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ امن لشڪر جو هڪ رضاڪار مارجي ويو ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڌماڪي بعد سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو ۽ شهيد ٿيل رضاڪار جولاش ۽ زخمين کي خيبرايجنسي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

سڪيورٽي فورسز ذريعن موجب، بارودي سرنگ جي ڌماڪي سبب امن لشڪر جي گاڏي مڪمل طور تباهه ٿي وئي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*