لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کي علامه اقبال انٽر نيشنل ايئرپورٽ کي خانگائڻ کان روڪيندي سيڪريٽري سول ايوي ايشن ۽ ٻين کان جواب طلب ڪيو آهي

Allama-Iqbal-Air-Port-Lahore-30517

لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کي علامه اقبال انٽر نيشنل ايئرپورٽ کي خانگائڻ کان روڪيندي سيڪريٽري سول ايوي ايشن ۽ ٻين کان جواب طلب ڪيو آهي.

ملڪ جي چئن وڏن ايئرپورٽس کي خانگائڻ کان روڪڻ لاءِ ڊاڪٽر مبشر حسن جي درخواست تي چيف جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي هڪ رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار چيو ته ايئرپورٽ غيرملڪي ڪمپنين کي ڏيڻ سان ملڪي سلامتي کي خطرو ٿي سگهي ٿو.

درخواستگذار چيو ته حڪومت اربين رپين جي ملڪيت ڪرڙون ۾ وڪرو ڪرڻ چاهي ٿي.

عدالت وفاقي حڪومت کي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورت کي خانگائڻ کان روڪي ڇڏيو

عدالت سيڪريٽري ڪابينا ۽ سول ايوي ايشن کان 4 هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو.

واضع رهي ته اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر مبشر حسن چئن وڏن ايئرپورٽس کي خانگي شعبي حوالي ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي کي عدالت ۾ چيلنج ڪيو هو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*