تائيوان اختيارين جهاز جي تباهه ٿيڻ واري واقعي ۾ 31 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

تائيوان جي اختيارين جو چوڻ آهي ته تباهه ٿيل جهاز جو ملبو درياءُ مان هٿ ڪيو ويو آهي، جهاز جي تباهه ٿيڻ واري واقعي ۾ 31 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آهي جڏهن ته 12 مسافر اڃا به لاپتا آهن جن جي ڳولها جاري آهي.

تائيوان جي گادي واري شهر تائپي ۾ ٽرانز ايئر ايشيا جو مسافر جهاز اڏام دوران پل سان ٽڪرائجڻ بعد درياءُ ۾ ڪري پيو هو.

ايئر لائن اختيارين موجب جهاز ۾ 57 مسافر سوار هئا جن مان 31 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آهي ۽ 15 زخمي مسافرن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب تائيوان اختيارين جهاز جو ملبو هٿ ڪرڻ جي وڊيو به جاري ڪئي آهي جنهن ۾ جهاز جي ملبي کي ڪرين ذريعي پاڻي کان ڪڍيندي ڏيکاريو ويو آهي.

ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته لاپتا ٿيل 12 مسافرن جي ڳولها لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*