قانون ۽ جيل واري صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار، نيب پاران گرفتار ڪرڻ جي خدشي سبب اڳ واري ضمانت وٺي ڇڏي آهي

Sindh-high-court-18816

قانون ۽ جيل واري صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار، نيب پاران گرفتار ڪرڻ جي خدشي سبب اڳ واري ضمانت وٺي ڇڏي آهي.

صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته نيب سندس خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن ڪري کيس گرفتاري جو خدشو آهي.

هن موقف اختيار ڪيو ته هو ڪنهن به قسم جي ڪرپشن ۾ ملوث نه آهي، سندس گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪئي وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ، اهڙي موقف بعد صوبائي وزير ضياءُالحسن لنجار جي 5 لک رپين عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*