پاڪستان ڪشميري عوام جي اخلاقي، سفارتي، ۽ سياسي حمايت ڪري ٿو، وزيراعظم نواز شريف

وزيراعظم نواز شريف، ڀارت تي واضح ڪيو آهي ته ڪشمير مسئلي کي ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ تائين ڳالهيون نه  ڪيون وينديون، ڪشمير پاڪستان جي ساهه واري رڳ آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جون دليون گڏيل دڙڪن ٿيون، دنيا جي ڪا به طاقت ڪشمير کي پاڪستان کان ڌار نٿي ڪري سگهي.

مظفر آباد ۾ آزاد ڪشمير جي ڪونسل ۽ قانونسازي اسيمبلي جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته سندس آزاد ۽ والاريل ڪشمير سان پراڻو  ۽ دلي ڳانڍاپو آهي،سموري قوم ڪشمير مسئلي جو حل چاهي ٿي.

هن چيو ته ڪشمير، پاڪستان جي ساهه واري رڳ آهي، ڪشمير ۽ پاڪستان قدرتي طور هڪ جان ۽ 2 دليون آهن، دنيا جي ڪا به طاقت اسان کي ڪشمير کان ڌار نٿي ڪري سگهي .

وزيراعظم چيو ته  پاڪستان ڪشميري عوام جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت ڪري ٿو، سندس خواهش آهي ته ڪشميري عوام به آزادي سان زندگي گذاري.

نواز شريف آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪشميرين کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته ظلم ۽ ڏاڍ باوجود ڪشميري پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪن پيا، کين هڪ ڏينهن  پنهنجي منزل ضرور ملندي.

هن چيو ته ڪشميرين کي پنهنجو حق ملڻ انساني ۽ قانوني مطالبو آهي، طاقت جي زور تي ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي.

 وزيراعظم نواز شريف وڌيڪ چيو ته  هـُن سموري دنيا آڏو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪشمير  معاملو ڀرپور نموني سان اٿاريو ۽ بان ڪي مون سان نويڪلائي واري ملاقات ۾ زور ڏنو ته  ڪشمير بابت ٺهرائڻ تي عمل ڪرايو وڃي.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان هميشه ڀارت سان نتيجو ڏيندڙ ڳالهين تي زور ڏنو آهي پر ڀارت ڳالهين کان لنوائي رهيو آهي ۽ حربا استعمال ڪري پيو.

وزيراعظم نواز شريف واضح ڪيو ته ڪشمير مسئلي کي ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ ڀارت سان ڳالهيون نه ٿينديون ۽ ڪشميرين جي خواهشن خلاف ڪو به فيصلو قبول نه ڪيو ويندو.

سندس چوڻ هو ته خطي ۾ امن ڪشمير مسئلي جي حل سان مشروط آهي،ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد ضايع نه ويندي ۽ هڪ ڏينهن آزادي جو سج اڀرندو ۽ ڪشمير مان ظلم جي اونڌاهي جو خاتمو ايندو.

قومي ايڪشن پلان جو ذڪر ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ سڀني جي رضامندي سان شروع ڪئي، آپريشن ضرب عضب به رڳو ن ليگ نه پر سڀني پارٽين جو فيصلو هو.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته  دهشتگرد تنظيمن کي پاڪستان اندر رهڻ جو حق ناهي، دهشتگردي جي پاڙ پٽي ئي سک جو ساهه کنيو ويندو.

ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف مارچ ۾ سموري ٽيم سان گڏ مظفرآباد جو ٻيهر دورو ڪرڻ ۽ قانونسازي اسيمبلي جي نئين بلڊنگ جي اڏاوت جا خرچ برداشت ڪرڻ جو به اعلان ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*