ڪمشنر ڪراچي، ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا کي رهائشي علائقن ۽ اسپتالن ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

commessioner khi

ڪمشنر ڪراچي، ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا کي رهائشي علائقن ۽ اسپتالن ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ڪمشنر ڪراچي شهر ۾ ڊگهي ۽ اڻ اعلانيل لوڊيشڊنگ جو نوٽيس وٺندي ڪي اليڪٽرڪ اختيارين کي طلب ڪيو هو.

ڪي اليڪٽرڪ اختيارين جي وفد ڪمشنر هائوس ۾ ڪمشنر سان ملاقات  ڪري کيس بجلي جي لوڊشيڊنگ بابت بريفنگ ڏني.

ڪي اليڪٽرڪ اختيارين ٻڌايو ته فني خرابي سبب شهر ۾ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، جنهن کي هڪ ٻن ڏينهن اندر ٺيڪ  ڪيو ويندو.

ڪمشنر ڪراچي چيو ته شديد گرمي ۾ لوڊشيڊنگ سبب عوام ٻٽي عذاب ۾ مبتلا آهي، سسٽم کي فوري طور ٺيڪ ڪيو وڃي.

ڪمشنر ڪي اليڪٽرڪ اختيارين کي هدايت ڪئي ته رهائشي علائقن ۽ اسپتالن ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*