اپوزيشن جماعتن قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ڪاررروائي لائيو ڏيکارڻ لاءِ پارليامينٽ ٻاهران پارليامينٽ لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

khursheed shah ijlas

اپوزيشن جماعتن قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ڪاررروائي لائيو ڏيکارڻ لاءِ پارليامينٽ ٻاهران پارليامينٽ لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اپوزيش ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته تقريرن جي اجلاس ۾ اجازت نه ٿي ڏني وئي هاڻ هو ٻاهر ڳالهيون ڪندا.

اپوزيشن جماعتن قومي اسيمبلي جي اجلاس کي لائيو نه ڏيکارڻ خلاف واڪ آئوٽ ڪيو.

قومي اسيمبلي جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته جيستائين قومي اسيمبلي جي ڪارروائي لائيو نه ڏيکاري ويندي تيستائي هو اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندا.

خورشيد شاهه چيو ته هو پارليامينٽ کي طاقتور ڏسڻ چاهيون ٿا ۽ سندن خواهش آهي ته سمورا فيصلا پارليامينٽ ۾ ٿين.

اپوزيشن ليڊر چيو ته حڪومت مفادن لاءِ اپوزيشن جي تقرير لائيو ڏيکاريندي آهي، پر کين تقرير جي اجات نه ڏني وڃي، جنهن سبب هو هاڻ ٻاهر ڳالهائيندا.

خورشيد شاهه چيو ته مسئلن کي هميشه پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو ۽  مخالف ڌر هميشه عوام جو آواز پارليامينٽ ۾ اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته هو تقريرون لائيو نشر ٿيڻ تائين ڪارروائي ۾ حصو نه وٺندا، مخالف ڌر بائيڪاٽ کان پوءِ رڪارڊ چيڪ ڪرايو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*