ميهڙ ۾ عورت پنهنجي ڀائرن خلاف احتجاج ڪري مٿن کيس وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش جو الزام هنيو آهي

meher orat agwa

ميهڙ ۾ عورت  پنهنجي ڀائرن خلاف احتجاج ڪري مٿن کيس وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش جو الزام هنيو آهي.

ڳوٺ سينڌل مهيسر واري علائقي جي رهواسڻ 8 ٻارن جي ماءُ ارباب خاتون پريس ڪلب اڳيان پنهنجي ڀائرن خلاف احتجاجي مظاهروڪيو.

ان موقعي تي عورت ٻڌايو ته هو بيوهه ۽ 8 ٻارن جي ماءُ آهي، پر سندس ڀائر کيس وڪرو ڪرڻ چاهين ٿا.

هن چيو ته ڀائرن کيس اغواڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، رڙين ڪرڻ تي فرار ٿي ويا.

هن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ساڻس انصاف ڪيو وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*