اليڪشن ڪميشن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف هڪ ڀيرو ٻيهر پارٽي فنڊنگ جا تفصيل پيش نه ڪري سگهي، ٻڌڻي اربع تائين ملتوي ڪئي وئي

Election-Karachi-28716election-karachi

اليڪشن ڪميشن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف هڪ ڀيرو ٻيهر پارٽي فنڊنگ جا تفصيل پيش نه ڪري سگهي، ٻڌڻي اربع تائين ملتوي ڪئي وئي.

اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ پارٽي فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي چيف اليڪشن ڪشمنر جي سربراهي ۾ 5 رڪني ڪميشن ڪئي.

ٻڌڻي دوران تحريڪ انصاف جي وڪيل پارٽي فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي هڪ هفتي تائين ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو.

تحريڪ انصاف جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن جي حڪم کي هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي، ٻڌڻي کي ملتوي ڪيو وڃي.

چيف اليڪشن ڪمشنر پڇاڻو ڪيو ته ڇا هاءِ ڪورٽ ڪو به حڪم تڪراري جاري ڪيو آهي، جيڪڏهن ڪو حڪم تڪراري جاري ناهي ٿيو ته ٻڌڻي ڪيئن ملتوي ڪيون، توهان کي جواب جمع ڪرائڻ جو آخري موقعو ڏنو ويو آهي.

پي ٽي آءِ وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ اهڙي قسم جي درخواست تي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ڪري رهي آهي، انور منصور سڀاڻي به سپريم ڪورٽ ۾ مصروف هوندو، ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪئي وڃي.

اليڪشن ڪميشن ٻڌڻي ملتوي ڪندي تحريڪ انصاف جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*