تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آئين کي ڪجهه ٿيو ته مخالف ڌر جو به ايترو ئي نقصان ٿيندو جيترو ٻين جو ٿيندو

shah mehmod

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آئين کي ڪجهه ٿيو ته مخالف ڌر جو به ايترو ئي نقصان ٿيندو جيترو ٻين جو ٿيندو،  سنڌ جو عوام بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهي پر حڪمرانن کي پرواهه ناهي.

قومي اسيبملي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهايندي شاهه محمود قريشي چيو ته مخالف ڌر جو ڪم عوامي مسئلن کي اٿارڻ آهي.

هن چيو ته سحري ۽ افطاري  جي وقت به بجلي جي بندش جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب عوام پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته هن وقت سنڌ سميت سڄي ملڪ جو عوام لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي، اڄ سڄو ڪي پي ڪي سراپا احتجاج آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته آئين کي ڪجهه ٿيو ته مخالف ڌر جو به ايترو ئي نقصان ٿيندو جيترو ٻين جو ٿيندو.

هن چيو ته حڪومتي ميمبرن جو رويو نادان دوست وارو آهي، بجيٽ جو ڪارنامو عوام ٽي وي جي اسڪرين تي ڏسو رهيو آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*