لاڙڪاڻي هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ۾ بيگوديرو ڊسٽري جي پڇڙي تائين پاڻي نه پهچڻ خلاف آبادگار غلام محمد ٻرڙي پاران چيف انجنيئر رائيس ڪئنال

larkana high court

لاڙڪاڻي هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ۾ بيگوديرو ڊسٽري جي پڇڙي تائين پاڻي نه پهچڻ خلاف آبادگار غلام محمد ٻرڙي پاران چيف انجنيئر رائيس ڪئنال، سپرنٽينڊنٽ انجنيئر دادو ۽ ايگزيڪٽو انجنيئر جوهي سميت ٻين عملدارن خلاف درخواست داخل ڪرايو ويو، عدالت ڄاڻايل آفيسرن کي نوٽيس جاري ڪندي 15 جون تي طلب ڪري ورتو آهي.

    آبادگار غلام محمد ٻرڙي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته آبپاشي عملدار رشوت عيوض بيگوديرو ڊسٽري جي منڍ جي آبادگارن کي پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن جنهن ڪري پڇڙي تائين پاڻي نٿو پهچي.

آبادگار درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته بيگوديرو ڊسٽري جي پڇڙي تائين پاڻي نه پهچڻ ڪري سندن زمينون غيرآباد ٿي ويون آهن.

عدالت ڄاڻايل سڀني آفيسرن کي نوٽيس جاري ڪندي 15 جون تي طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*