سپريم ڪورٽ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ مسلم ليگ ن اڳواڻ حنيف عباسي جي درخواست تي تحريڪ انصاف کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

Supreme-Court-18816

سپريم ڪورٽ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ مسلم ليگ ن اڳواڻ حنيف عباسي جي درخواست تي تحريڪ انصاف کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ عمران خلاف حنيف عباسي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي،

سپريم ڪورٽ عمران خان کان نيازي سرورسز جي چارٽرڊ اڪائونٽنٽ جا تفصيل طلب ڪري ورتا.

سپريم ڪورٽ حنيف عباسي جي درخواست تي جاري ڪيل نوٽيس ۾ پڇاڻو ڪندي چيو ته ٻڌايو وڃي ته نيازي سروسز پهريون ٺهي يا وري بليٽ پهريون خريد ڪيو ويو؟

چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته بني گالا لاءِ رقم ڪٿان آئي، اهو عمران خان کي ثابت ڪرڻو آهي؟

چيف جسٽس چيو ته نعيم بخاري توهان پاڻ چيو هو ته ادائيگيون ٽين ڌر ذريعي ڪيون ويون، هاڻي ان دفاع کي ثابت ڪرڻو آهي نه ڪيو ويو ته جا نتيجا نڪرندا.

چيف جسٽس صحافين کي تنبيهه ڪئي ته ان کي سندس ڪاوڙ نه چيو وڃي، هو ڪاوڙ ۾ نه ايندو آهي، اها سندس آبزرويشن آهي، ،.

چيف جسٽس چيو ته سندس حوالي سان ڪاوڙ جو لفظ استعمال نه ڪيو وڃي.

عدالت تحريڪ انصاف کي نوٽيس جاري ڪندي عمران خان جي نااهلي بابت درخواست جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*