ڪراچي جي دهشتگري جي انت واري عدالت سپرنٽنڊنٽ جيل امان الله نيازي قتل ڪيس ۾ ڀروسي جوڳا ثبوت نه هئڻ تي 4 نامزد جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو آهي

ATC Karachi

ڪراچي جي دهشتگري جي انت واري عدالت سپرنٽنڊنٽ جيل امان الله نيازي قتل ڪيس ۾ ڀروسي جوڳا ثبوت نه هئڻ تي 4 نامزد جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو آهي.

مقتول جيل سپرنٽنڊنٽ امان الله نياز قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران چئن نامزد جوابدارن عبيد ڪي ٽو، چوڌري سجاد، تنوير چاند ۽ سعيد بهرم کي پيش ڪيو ويو.

نامزد جوابدارن جي وڪيل عابد زمان دليل ۾ موقف اختيار ڪيو ته سندس اصيلن خلاف ڀروسي جوڳا ثبوت ناهن جنهنڪري کين بري ڪيو وڃي، جنهن بعد عدالت نامزد جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو.

عدالت دهشتگردي جي انت واري عدالت ڀروسي جوڳا ثبوت هئڻ تي چئني جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو.

جيلر امان الله نياز کي 2006 ۾ ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*