ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي ڳڙهي ياسين ۾ دڪاندار يعقوب بروهي جي قتل سميت ٻين قبيلائي جهيڙن جو نوٽيس ورتو

Larkana-Police-Map-12517

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي ڳڙهي ياسين ۾ دڪاندار يعقوب بروهي جي قتل سميت ٻين قبيلائي جهيڙن جو نوٽيس ورتو وٺندي ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او ڳڙهي ياسين کي 6 ڪلاڪن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ڊي آءِ جي عبدالله شيخ ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او کي چيو ته جيڪڏهن 6 ڪلاڪن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ته اوهان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

ڊي آءِ جي عبدالله شيخ ايس ايس پي شڪارپور سان فون تي پڻ رابطو ڪري واقعن ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ڊي آءِ جي عبدالله شيخ چيو ته ڏوهي واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو.

ٻئي طرف ڊي آءِ جي عبدالله شيخ عوامي شڪايتن تي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ جي ريڊر انسپيڪٽر نورالله کوسو کي سسپينڊ ۽ ريورٽ ڪري ڇڏيو آهي.a

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*