سنڌهاءِ ڪورٽ سڌ سماءَ واري کاتي ۾ 6 ارب روپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي اطلاعات سيڪريٽري ذوالفقار شهلواڻي ۽ ٻين جي ضمانت ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

Sindh-high-Court-19417

 سنڌهاءِ ڪورٽ سڌ سماءَ واري کاتي ۾ 6 ارب روپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي اطلاعات سيڪريٽري ذوالفقار شهلواڻي ۽ ٻين جي ضمانت ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس جنيد غفار جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ 6 ارب روپين جي ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي نيب خلاف داخل درخواست کي به گڏائي ٻڌڻ جو حڪم ڏنو.

نيب پاران اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، سيڪريٽري اطلاعات ذولفقار شهلواڻي ۽ ٻين تي 6 ارب روپين جي ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي.

عدالت سڌ سماءَ واري کاتي ۾ 6 ارب روپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي اطلاعات سيڪريٽري ذولفقار شهلواڻي ۽ ٻين جي ضمانت ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*