ٽارگيٽ ڪلر عبدالرحمان جو واسطو پابندي مڙهيل مذهبي تنظيم سان آهي، ڊي آءِ جي اولهه ڪراچي طاهر نويد

ڪراچي اولهه پوليس 22 ڄڻن جي قتل ۾ ملوث ٽارگيٽ ڪلر کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ڊي آءِ جي اولهه ڪيپٽن رٽائرڊ طاهر نويد چيو آهي ته ٽارگيٽ ڪلر عبدالرحمان جو واسطو پابندي مڙهيل مذهبي تنظيم سان آهي.

ڊي آءِ جي اولهه طاهر نويد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٽارگيٽ ڪلر عبدالرحمان کي گرفتار ڪيو آهي، جنهن 8 پوليس اهلڪارن ۽ هڪ ڊاڪٽر سميت 22 ڄڻن کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

ڊي آءِ جي جو چوڻ هو ته ٽارگيٽ ڪلر ڪراچي جي رضويه، پاپوش نگر ۽ سمن آباد سميت مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪندو هو، جنهن وٽان هٿيار به هٿ آيا آهن.

گرفتار ٽارگيٽ ڪلر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو شهرين کي قتل ڪرڻ تي 5 ڀيرا جيل وڃي چڪو آهي ۽ کين هٿيار هڪ سياسي پارٽي ڏيندي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*