ڏکڻ پنجاب جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهن،پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف

Shahbaz-sharif-23217

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته هو ڏکڻ پنجاب جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهن، عوام کي صاف پيئڻ جي پاڻي سميت سمورا حق فراهم ڪيا ويندا.

لاهور ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر سردار اويس لغاري پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ڏکڻ پنجاب ۾ هلندڙ ترقياتي منصوبن سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته ڏکڻ پنجاب جي ترقي ۽ خوشحالي لاٰءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا  ويندا.

سندس چوڻ هو ته ڏکڻ پنجاب جي عوام کي پيئڻ جي صاف پاڻي سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون جيڪو سندن حق به آهي.

هن چيو ته کيس ڏکڻ پنجاب جي ترقي  خوشحالي سڀ کان وڌيڪ عزيز آهي،

پنجاب جي وڏي زير چيو ته مسلم ليگ ڏکڻ پنجاب جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ بجيٽ رڪارڊ منصوبا پيڊ ڪندي.

شهباز سريف چيو ته ڏکڻ پنجاب مان پيئڻ جي صاف پاڻي جو پروگرام شروع ڪيو ويو آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*